- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، وڌندڙ آبادي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ آگاهي پکيڙڻ ضروري آهي، آگاهي جي کوٽ سبب آبادي جو چئلينج وڌيڪ سنگين ٿيندو پيو وڃي.
اسلام آباد ۾ پاڪستان پاپوليشن سمٽ 2025ع جي تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته وڌندڙ آبادي سبب صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ چئلينجز اڳيان اچي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته آبادي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ معاشري جي هر طبقي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سڌ سماءَ واري وزير چيو ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، وڌندڙ آبادي سان وسيلن تي دٻاءُ پئجي رهيو آهي.
عطا تارڙ چيو ته آگاهي جي کوٽ سبب آبادي جو چئلينج وڌيڪ سنگين ٿيندو پيو وڃي، وڌندڙ آبادي سان ترقي جي رفتار به متاثر ٿيندي آهي.
هن چيو ته ترقي جي رفتار برقرار رکڻ لاءِ متوازن آبادي ضروري آهي، وڌندڙ آبادي معيشيت ۽ بنيادي سهولتن تي ٻوجهه وجهي رهي آهي.- Advertisement -
