- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي کي مزاحيه قرار ڏئي ڇڏيو.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو آهي ته يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنسڪ هڪ اهڙو ڪاميڊين هو، جنهن کي پنهنجي شعبي ۾ به محدود ڪاميابيون حاصل ٿيون هيون پر هن آمريڪا کي ورغلاسئي هڪ اهڙي جنگ ۾ ساڍا 3 سئو ارب ڊالر وجهي ڇڏيا، جيڪا يوڪرين کٽي به نه سگهندو هو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اِها جنگ شروع ئي نه ٿيڻ گهرجي ها، اهڙي جنگ آهي جيڪا هو آمريڪا ۽ ٽرمپ جي مدد بنا ختم نٿو ڪري سگهي.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا ان جنگ ۾ يورپ کان 2 سئو ارب ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪيا آهن ۽ آمريڪا جو پيسو واپس به نه ايندو.
ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سُتل رهندڙ جوبائيڊن يورپ کان برابري جو مطالبو ڇو نه ڪيو، اِها جنگ اسان کان وڌيڪ يورپ لاءِ اهم هئي.
آمريڪي صدر چيو ته زيلنڪسي پنهنجي ملڪ ۾ چونڊون نه پيو ڪرائي ۽ يوڪرين جي عوام ۾ هن جي پسنديدگي به گهٽ ٿي ويئي آهي.- Advertisement -
