تازه ترين

آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن پاڪستانين کي جشن آزادي جي ڏهاڙي تي واڌايون ڏنيون

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن پاڪستانين کي جشن آزادي جي ڏهاڙي تي واڌايون ڏنيون آهن،  سندس چوڻ آهي ته آمريڪي عوام طرفان پاڪستانين لاءِ دلي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي تي  جاري ڪيل  پيغام ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن چيو ته گذريل 77 سالن کان سندن عوامي رابطا ٻطرفي لاڳاپن جو بنياد رهيا آهن. هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ هو  پاڪ-آمريڪا ڀائيواري کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيندي عوامي لاڳاپن کي اڳتي وڌائيندي ٻنهي قومن لاءِ وڌيڪ خوشحال مستقبل ٺاهيندا. انٿوني بلنڪن چيو ته جمهوري اصولن ۽ قانون جي حڪمراني  سندن گڏيل عزم کي مضبوط ڪندي، هو هڪ اهڙي پارٽنرشپ کي جاري رکڻ جا منتظر آهن جيڪا ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندي. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هو پاڪستان، آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندڙ پاڪستانين  آزادي جي ڏهاڙي جون واڌايون پيش ڪريان ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
43 %
1.4kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون