تازه ترين

شرجيل ميمڻ جي محسن نقوي سان ملاقات، منشيات جي خاتمي ۽ امن امان سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وچ ۾ ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ملڪي امن امان، بين الصوبائي سهڪار، منشيات جي خاتمي ۽ عوامي خدمتن جي بهتري سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات دوران ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ منشيات جي خاتمي ۽ امن امان بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه به ٿي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سنڌ حڪومت کي ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪامياب آپريشن تي واڌايون ڏنيون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رابطا ۽ سهڪار چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي، قومي مفادن جي معاملن ۾ سمورن ادارن ۽ حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، سنڌ حڪومت ڏوهن جي خاتمي، امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته امن امان قائم ڪرڻ ۽ منشيات جي خاتمي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي، سنڌ پوليس چئلنجنگ حالتن ۾ بهادري، پيشواراڻي صلاحيتن ۽ عزم جو مظاهرو ڪندي امن امان جي بحالي لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي عوامي مسئلا حل ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون