آمريڪي ۽ ڊچ اختيارين سڄي دنيا ۾ ويب سائيٽ هيڪنگ ٽولز وڪرو ڪرڻ ۽ مالي فراڊ ۾ ملوث پاڪستاني ٽولي خلاف ڪارروائي ڪندي 39 سائبر ڪرائم ويب سائيٽ بلاڪ ڪري ڇڏيون آهن.
آمريڪي انصاف واري کاتي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، پاڪستان مان هلندڙ 39 سائبر ڪرائم ويب سائيٽ ۽ سندن سرور بند ڪيا ويا، اهي ويب سائيٽون هيڪنگ ۽ مالي فراڊ ۾ ملوث عالمي ٽولن کي غير قانوني ٽولز وڪرو ڪري رهيون هيون.
آمريڪي انصاف واري کاتي موجب، اها ڪارروائي ڊچ نيشنل پوليس جي سهڪار سان ڪئي وئي، جنهن ۾ ’صائم رضا‘ گروپ جنهن کي هارٽ سينڊر به چيو ويندو آهي جي نگراني ۾ هلندڙ آن لائن مارڪيٽ پليسز کي نشانو بڻايو ويو، ٽولي ٽولز جي استعمال لاءِ هدايتي وڊيو به اپ لوڊ ڪيا هئا.
جاچ موجب، اهو نيٽ ورڪ 2020 کان سرگرم هو ۽ آمريڪي شهرين کي نشانو بڻائي 3 ملين ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهچايو هو.
جاچ ۾ چيو ويو آهي ته اهي ويب سائيٽون فشنگ ڪٽس، اسڪيمنگ پيجز ۽ اي ميل ايڪسٽريڪٽرز جهڙا هيڪنگ ٽول وڪرو ڪري رهيا هئا جيڪي ڪاروباري اي ميل ڪمپرو مائز فراڊ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، هنن ٽولز ذريعي، ڪمپنيون کي جعلي ادائگين لاءِ دوکا ڏنا ويندا هئا ۽ پيسا هيڪرن جي ڪنٽرول ۾ موجود اڪائونٽن ۾ منتقل ٿي ويندا هئا.