- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته رياستي مهمان جي آمد تي ئي احتجاج جو سڏ ڇو ڏنو ويو؟، اهم موقعي تي احتجاج جي ڪال سان سياسي پارٽي جي بدنيتي ثابت ٿئي ٿي، احتجاج ڪندڙن کي اسلام آباد ۾ کليل ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي.
اسلام آباد ۾ پرڏيهي سفيرن کي بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ طرفان ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو، قانون موجب ريڊ زون ۾ ڪو به احتجاج نه ٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته بدقسمتيءَ سان وڏا مونجهارا پيدا ٿيويا آهن، ان ڪري حڪومت کي وضاحت ڪرڻي پئي پوي، سوشل ميڊيا هڪ لعنت آهي ۽ مخالف ڌر فيڪ نيوز پکيڙڻ ۾ مهارت رکي ٿي.
اسحاق ڊار چيو ته هڪ پارٽي 24 نومبر جي اهم موقعي تي احتجاج جو اعلان ڪيو، 24نومبر تي بيلاروس جي صدر کي پاڪستان اچڻو هو.
نائب وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ هن پارٽي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزام تي به احتجاج ڪيو، جوڊيشل انڪوائري ۾ ثابت ٿيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿي هئي.- Advertisement -
