تازه ترين

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ٽيڪنيڪل ڳالهين جي نگراني لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

- Advertisement -
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ٽيڪنيڪل ڳالهين جي نگراني لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي،  پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙ  هيٺ ڳالهين ۾ ايندڙ 60 ڏينهن اندر هڪ مضبوط معاهدي تائين پهچڻ لاءِ باقاعده روڊ ميپ تي اتفاق  ڪيو ويو آهي،  ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون فوري طور تي شروع ٿينديون، هرمز لنگهه ۾ واپاري جهازن جي اچ وڃ جي نگراني لاءِ رابطا لائن قائم ٿيندي، لبنان جنگ بندي تي عمل لاءِ ڊي ڪنفليڪشن سيل قائم  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ائٽمي پروگرام ۽ پابندي بابت ورڪنگ گروپ جوڙيا ويندا. سوئٽزرلينڊ ۾ ايران-آمريڪا ڳالهين کانپوءِ قطر ۽ پاڪستان گڏيل پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي. پاڪستاني ۽ قطري پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي فريم ورڪ تحت ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي. پڌرائي موجب ڳالهين ۾ ايران، آمريڪا ۽ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندڙ ٻن ملڪن قطر ۽ پاڪستان جي نمائندن شرڪت ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سربراهي اجلاس هاڪاري ماحول ۾ ٿيو آهي جنهن دوران بهترين اڳڀرائي ٿي آهي. بيان موجب ڳالهين ۾ وڌيڪ ٽيڪنيڪل ڳالهين لاءِ هڪ نئين طريقيڪار تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ قطري پرڏيهي وزارت طرفان جاري گڏيل پڌرائي موجب، ڌرين ڳالهين جي نگرانيءَ لاءِ اعلى سطح ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڳالهين ۾ نمائندگي ڪندڙ باقاعده طور ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪندا ۽ ائٽمي معاملن، پابندين، نگراني ۽ تڪرارن جي حل بابت ورڪنگ گروپ جي قيادت ڪندا ته جيئن مفاهمتي يادداشت ۽ ٻين معاملن تي مضبوطي سان عمل ڪري سگهجي. گڏيل بيان موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾  قطعي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ ميپ منظور ڪيو ويو آهي. روڊ ميپ سان فوري طور ٽيڪنيڪل ڳالهين جي شروعات ٿيندي،  مفاهمتي يادداشت جي پيرا گراف پنج ۾ ڄاڻايل مدي لاءِ ڌرين وچ ۾ هڪ مواصلاتي رابطا لائن به قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن غلط فهمين ۽ حادثن کان بچي سگهجي ۽ هرمز لنگهه مان گذرندڙ واپاري جهازن جي محفوظ آمدرفت يقيني بڻائي سگهجي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبنان جنگ بندي تي عمل لاءِ ڊي ڪنفليڪشن سيل قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ٻنهي ملڪن ۾  ائٽمي پروگرام ۽ پابندي بابت ورڪنگ گروپس جوڙيا ويندا. پرڏيهي وزارت موجب، ڊي ڪنفليڪشن سيل ۾ لبنان ۽ ٽياڪڙ ملڪ شامل هوندا، ٽياڪڙ ملڪ ڳالهيون هاڪاري ماحول ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندا، ٽيڪنيڪل ڳالهيون هفتي جي ٻين ڏينهن دوران برگن اسٽاڪ ريزورٽ ۾ جاري رهنديون. پڌرائي موجب ٽياڪڙ ملڪ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ  پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکندا ته ڳالهيون هاڪاري ماحول ۾ اڳتي وڌي سگهن ۽ آخرڪار قطعي معاهدي تائين پهچي سگهجي. قطر ۽ پاڪستان آمريڪا ۽ ايران طرفان سفارتڪاري ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ جاري عزم جي واکاڻ ڪئي آهي. ٻنهي ٽياڪڙ ملڪن دوست ۽ ڀائر ملڪن جا به ٿورا مڃا آهن جن ڳالهين  ۾ مسلسل سهڪار ۽ قيمتي ڪردار ادا ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
63 %
8.3kmh
18 %
سُومر
23 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون