- Advertisement -
اسرائيلي فوج لبنان تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو، 24 ڪلاڪن ۾ 145 کان وڌيڪ هنڌن تي بمباري جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي رپورٽن موجب آچر تي اسرائيلي فوج لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۽ ٻين شهرن ۾ رهائشي عمارتن، گرجا گهرن ۽ طبي مرڪز کي نشانو بڻايو.
رپروٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ شامي فوجي ۽ حزب الله جي ميڊيا ترجمان محمد عفيف سميت 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا.
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جوابي ڪارروائي ڪندي اتر اسرائيل ۾ راڪيٽ حملي ڪيا، جنهن سان ڪيترن ئي رهائشي عمارتن کي نقصان رسيو.
ٻئي طرف اسرائيلي فوج جي عزا تي حملن ۾ به اضافو ٿي ويو، بيت لاحيح، نصيرات ۽ بُريج پناهگير ڪئمپن تي وحشياڻي بمباري ڪئي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
هوڏانهن غزا ۾ حماس اسرائيلي فوج تي جوابي وار ڪندي 2 اسرائيلي فوجين کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ سخت زخمي ٿي پيو، ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ به تباهه ڪيا ويا.- Advertisement -
