- Advertisement -
ميهڙ ويجهو ڳوٺ سانول ڪرٽيو ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ سبب 13 معصوم ٻارڙا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ سانول ڪرٽيو ۾ تدريسي عمل دوران پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڌماڪي سان ڪِري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ٻارڙا زخمي ٿي پيا.
زخمي ٻارڙن کي ڳوٺاڻن طرفان تعلقي اسپتال گمس يونٽ ميهڙ منتقل ڪيو ويو.
تعلقي اسپتال گمس ميهڙ جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالوحيد درياڻي پاران اسپتال ۾ فوري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ اسپتال جو وڌيڪ عملو طلب ڪري زخمي ٻارڙن جو هنگامي بنيادن تي علاج ڪيو ويو.
زخمي ٻارڙن ۾ ايان علي، لعل بخش، راشد، عائشه، رحمت، رشيد، دعا، زويا، سونو، منير، زوھيب، وارث ۽ امير ڪرٽيو شامل آهن.
ڳوٺاڻن دانھيندي چيو ته 2010 ۽ 2022 جي مها ٻوڏن ۾ اسڪول جي حالت انتهائي زبون ٿي وئي هئي، اسڪول جي مرمت جا پيسا آيل ھئا جيڪي ملي ڀڳت سان آفيسر پاڻ ۾ ورھائي کائي ويا.
زخمين ٻارڙن جي عيادت لاءِ پ ٽ الف اڳواڻ عبدالصمد ٻگھيو ۽ خادم حسين ڏھر ميھڙ اسپتال پھچي ٻارڙن جي خيرت معلوم ڪئي.- Advertisement -
