تازه ترين
ڪارساز سانحي وارو هنڌ ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ خوني جدوجهد جو شاهد آهي : آصفه ڀٽو زرداري محترمه بينظير ڀٽو ڪارساز سانحي کانپوءِ به پنهنجي مشن تي قائم رهي : صدر آصف علي زرداري 18 آڪٽوبر 2007ع تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو جمهوري جدوجهد تي وڏو وار هو : مراد علي شا... قوم جي روح تي 18 آڪٽوبر 2007ع جو ڏهاڙو هميشه لاءِ نقش ٿي چڪو آهي : بلاول ڀٽو زرداري نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جون سنڌ ٽي وي نيوز تي خبرون نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڪا... مورو ويجھو ٻانڌي روڊ ٽه موڙ ڪراچي اسٽاف وٽ پراڻي دشمني تان جوابدارن موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن کي گوليون... بدين ۾ ڊينگي تي ضابطو نه آيو، 3 ڏينهن دوران 55 نوان ڪيس رپورٽ ٻيهر اڳرائي ڪئي وئي ته ڀارت جي جاگرافيائي حفاظتي تصور کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو: آرمي چيف فيض گنج : ڳوٺ نورل فقير چانگ ۾ عورت مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن پاران مڙس تي قتل جو الزام ڪلوئي: پورهيت کي سڱاوتي تڪرار تان مبينا طور تي باهه ڏئي ساڙيو ويو

افغان طالبان ڀارتي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جنگبندي جي ڀڃڪڙي تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو : خواجه آصف

- Advertisement -
- Advertisement -

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته افغان طالبان ڀارتي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جنگبندي جي ڀڃڪڙي تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو، طالبان جا فيصلا ۽ ڪارروايون ڀارت مان اسپانسر ٿي رهيون آهن، ڪابل حڪومت دهلي جي پراڪسي جنگ وڙهي رهي آهي،  طالبان جي نيت امن قائم ڪرڻ جي نه پر تڪرار کي هٿي ڏيڻ جي آهي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف الزام هڻندي چيو ته افغانستان هن وقت ڀارت جي پراڪسي جنگ وڙهي رهيو آهي، جهنڊي تي ڪلمه طيب لکيل آهي ۽ هو هن وقت ڀارت جا اوزار بڻيل آهن.

سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ افغان طالبان اصل ۾ ڀارت جي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڀرپور جواب ملندو.

بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي جاري آهي ته پاڪستان کي به جواب ڏيڻو پوندو ۽ اهو هن اختيار کي استعمال ڪندو.

خواجا آصف چيو ته 48ڪلاڪن جي جنگبندي آهي پر ڀڃڪڙي ٿي ته ردعمل ايندو، طالبان جا فيصلا ۽ ڪارروايون ڀارت مان اسپانسر ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته طالبان جي نيت امن قائم ڪرڻ جي نه پر تڪرار کي هٿي ڏيڻ جي آهي،  طالبان جيڪا ٽينڪا ڏيکاري رهيا آهن اها پاڪستان وٽ ناهي، خبر ناهي ڪهڙي ڪٻاڙي کان ٽينڪ حاصل ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
16 %
3.3kmh
0 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون