تازه ترين

18 آڪٽوبر 2007ع تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو جمهوري جدوجهد تي وڏو وار هو : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو جمهوري جدوجهد تي وڏو وار هو، 150 کان وڌيڪ جيالن جانين جو نذرانو ڏئي ڪري جمهوري جدوجهد کي امر ڪري ڇڏيو، 450 کان وڌيڪ زخمي جيالا به جمهوري جدوجهد ۾ پ پ جي روايتن جا مين آهن. ڪارساز سانحي جي ارڙهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ گذاري. سندس چوڻ هو ته جمهوري جدوجهد ۾ شهيد راڻي شهادت جو رتبو حاصل ڪيو ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جو سج هميشه لاءِ اڀريو. سنڌ جي وڏي وزير شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس شهيد ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي جمهوري جدوجهد کي اڳتي وڌايو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جي شهيدن جي جدوجهد کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير جي جمهوري جدوجهد جو قائد آهي اها جدوجهد رُڪي ناهي. مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جو هر ڪارڪن جمهوري جدوجهد جو سپاهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
19 %
6.4kmh
0 %
خميس
30 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون