تازه ترين

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايٽمي تعميرات جاري رکڻ تي ايران خلاف ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايٽمي تعميرات جاري رکڻ تي ايران خلاف ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي فلوريڊا ۾ امريڪي صدر سان ملاقات ٿي جهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ خطي جي اهم مسئلن تي ڳالهيون ٿيون، غزه سيز فائر معاهدي جي ايندڙ مرحلي تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو چاهين ٿا ته جنگ بندي تي جلد کان جلد معاهدو ٿي وڃي، امريڪا اسرائيل جو ساٿ ڏيندو رهندو، ايران ايٽمي صلاحيت حاصل ڪئي ته ان کي ٻيهر ختم ڪندا، حماس کي هر صورت ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا. امريڪي صدر ٽرمپ چيو ته اطلاع آهن ته ايران ٻيهر ايٽمي ٿاڪ تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪڏهن ايئن ٿيو ته امريڪا فوري حملن جي حمايت ڪندو ۽ قيامت برپا ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ان کي تباهه ڪري ڇڏيندا، ان دوران ايران کي ڪنهن معاهدي تي اچڻ گھرجي پر اڪثر طور تي ايئن ناهي ٿيندو. امريڪي صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات جي حوالي سان ٻڌايو ته نيتن ياهو سان 5 اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن وڌيڪ چيو ته غزه منصوبي جو ٻيو مرحلو جلد شروع ٿيڻ جي اميد آهي، غزه جي نئين سر تعمير به ايندڙ ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندي، امريڪا اسرائيل جو ساٿ ڏيندو رهندو……………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
52 %
1.8kmh
6 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون