تازه ترين

وفاقي سرڪار طرفان پاسپورٽ جاري ڪرڻ کي مڪمل طور اي پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
وفاقي سرڪار طرفان پاسپورٽ جاري ڪرڻ کي مڪمل طور اي پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ پاسپورٽ اينڊ اميگريشن هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاسپورٽ جي نظام ۾ اهم سڌارن جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران پاسپورٽ جاري ڪرڻ کي مڪمل طور اي پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اي پاسپورٽ تي مڪمل منتقلي سان پاسپورٽ جي مد ۾ فراڊ ۽ جعلسازي جو خاتمو ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پريميم سروسز حاصل ڪندڙن کي پاسپورٽ تي ٿيل خرچن موجب في ادا ڪرڻي پوندي، پرڏيهه ۽ ملڪن اندر پاسپورٽ جي هوم ڊليوري لاءِ شروعاتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. محسن نقوي چيو ته شهرين کي پاسپورٽ سندن در تي فراهم ڪرڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهرين جولاءِ کان پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش ليس نظام لاڳو ڪيو ويندو، آن لائن پاسپورٽ درخواستن کي پاڪ آءِ ڊي جي پليٽ فارم تي منتقل ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هدايت ڪئي ته بزنس پاسپورٽ تي پاليسي کي ايف بي آر جي صلاح مشوري سان جلد کان جلد قطعي شڪل ڏني وڃي. ڊي جي پاسپورٽس اينڊ اميگريشن محمد علي رنڌاوا  وفاقي گهرو وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
47 %
6.2kmh
1 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون