انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ چئلينج وڌي رهيا آهن: اعظم نذير تارڙ

- Advertisement -
وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اڄ اهو چوڻ تمام ڏکيو آهي ته قانون، ريگوليسنز ۽ پاليسيز ذريعي سوشل ميڊيا چيلينجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. اعظم نذير تارڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته تمام احتياط سان انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته هاڻي صرف ڪجهه سيڪنڊن ۾ لاشعوري طور تي غلط خبر ۽ ڄاڻي واڻي ڪوڙي خبر پکيڙي سگهجي ٿي. هن چيو ته صحافتي دنيا ۾ بريڪنگ نيوز جي دوڙ رهندي آهي، 2021ع ۾ سندس نامزدگي ڪاغذن جي حوالي سان غلط خبر ڏني وئي ته هن وٽ 32 ارب جا اثاثا آهن، غلط خبر تي ٻئي ڏينهن وضاحت جاري ڪئي وئي. اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته اظهار جي آزادي جو بنيادي حق ۽ عوام جي بنيادي حقن ۾ توازن لازمي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 9 ۽ 4 ۾ بيان ڪيل حق پاڪستان جي ڌرتي تي موجدو هر شخص جو حق آهن، لبرل ۽ کليل معاشرو هئڻ سان گڏوگڏ هر فرد جي بنيادي حقن جو تحفظ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته غلط انفارميشن جي چيلنجز کي منهن ڏيڻ انتهائي مشڪل ٿيندو پيو وڃي، غلط انفارميشن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونسازي ۽ اثرائتي ريگوليشن سان گڏوگڏ اجتماعي روين ۾ تبديلي به اڻٽر آهي. هن چيو ته هر شهري جي ذميواري آحي ته ڪنهن به خبر کي شيئر ڪرڻ کان اڳ ان جي صحيح يا غلط هئڻ بابت تصديق ڪري. اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪوڙي خبر پکڙجڻ سان ماڻهو جي ساک ۽ معاشري کي پورائو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچي ٿو، ڪوڙي خبر به گولي جيان آهي، هڪ ڀيرو هلي وئي ته واپس ناهي ٿيندي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون