پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ڳورهاري ٿيڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙا افواهه ڇو سامهون آيا آهن ۽ سوشل ميڊيا سميت ڀارتي ميڊيا ۾ ڇو اهڙي قسم جون خبرون هلي رهيون آهن ؟
هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ماهرا خان چيو ته کيس ڪا به ڄاڻ نه آهي ته اهڙا افواهه ڇو سامهون آيا، ٿي سگهي ٿو سندس وزن وڌي ويو آهي ان ڪري چيو ويو ته هو ڳورهاري ٿي آهي.
ماهران خان نه رڳو ڳورهاري خبرن کي ڪوڙ قرار ڏنو پر هن سيريز ”جو بچي هي سنگ سميٽ لو“ سميت ٻين پراجيڪٽس تان به هٿ کڻڻ جي حوالي سان هلندڙ خبرن کي ڪوڙو قرار ڏنو .
واضح رهي ته گذريل مهيني ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اداڪارا ماهرا خان ڳورهاري ٿيڻ سبب او ٽي ٽي سيريز سميت ٻيا پراجيڪٽس ڇڏي ڏنا آهن …….