اوٻاوڙي ڀرسان وحشي پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڪارنهن الزام هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.
مولوي عيسو شر پنهنجي گهر ۾ ويٺل ناري زينت شر کي ڀائٽي سان ڪارنهن جو الزام هڻي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو.
اهڙي واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته رونتي پوليس پهچي لاش تحويل ۾وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال پهچايو. رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ناري کي پنهنجي پيءُ ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.