پي ٽي آءِ چيئرمين سزا خلاف اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم توشا خانا ڪيس ۾ سزا خلاف اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي.
درخواست ۾ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ مک اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين موقف اختيار ڪيو ته توشا خانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو قانون خلاف آهي، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
رجسٽرار آفيس جي اپيل تي لڳل اعتراض ختم ٿيڻ بعد اپيل ئي نمبر لڳايو ويو آهي. رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض واريندي چيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ اپيل سان سزا معطلي داخل ڪرڻ جو تصور ناهي.
