اوٻاوڙي ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.
رونتي لنڪ روڊ تي سي پيڪ چوڪين تي ڊيوٽي لاءِ ويندڙ پوليس اهلڪارن تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي.
هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار اوٻاوڙو واسي عبدالسميع سمون، عدنان ملڪ ۽ ڏهرڪي واسي شفيق گل شهيد ٿي ويا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس جي وڏي جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪارن جا مڙهه کڻائي اسپتال پهچايا.
پوليس جو چوڻ آهي ته سي پيڪ چوڪين تي ويندڙ پوليس اهلڪارن تي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.