- Advertisement -
امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، انهيءَ هٿيارن جي ماليت 8 ارب 60 ڪروڙ ڊالر ٿئي آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي ڪويت کي اڍائي ارب ڊالر جو بيٽل ڪمانڊ سسٽم ۽ لاڳاپيل سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.
ان کان علاوه اسرائيل کي به 99 ڪروڙ 24 لک ڊالر ماليت جي ايڊوانس پريسزن ويپن سسٽم وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
امريڪي پرڏيهي کاتي موجب، قطر کي 4 ارب هڪ ڪروڙ ڊالر جا پيٽرياٽ ميزائل جڏهن ته گڏيل عرب امارتن کي 14 ڪروڙ 76 لک ڊالر جو ايڊوانسڊ پريسزن ويپن وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي……….- Advertisement -
