تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايران مسئلي جو پرامن حل نڪرڻ گهرجي، ايران جي صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي :طاهر اندرابي

- Advertisement -
پاڪستان ايران مسئلي جي پرامن حل جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي جو چوڻ آهي ته ايران مسئلي جو پرامن حل نڪرڻ گهرجي، ايران جي صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي، پرامن ايران پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اميد آهي ته حالتن تي جلد ضابطو آندو ويندو، هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهن ٿا. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي طاهر اندرابي چيو ته هو ايران مسئلي جو پرامن حل چاهن ٿا، پاڪستان امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو. سندس چوڻ هو ته هو ايران جي امن ۽ استحڪام جي حمايت ڪن ٿا، اميد آهي ته ايران پنهنجي بحرا تي جلد ضابطو آڻي وٺندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستانين لاءِ ويزا اميگريشن جي خبر ڏٺي آهي، ويزا معاملي تي آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهن، اميد آهي ته جلد پاڪستانين لاءِ ويزا اميگريشن جو سلسلو بحال ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان ڀارتي آرمي چيف جي بيانن کي رد ڪري ٿو، ڀارتي آرمي چيف جا الزام بي بنياد آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قطر جي امير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري بحرين جي دوري تي آهي، صدر مملڪت دوري دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي بحث ڪيو ويندو. طاهر اندرابي چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس ۾ اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ فلسطين ۽ ڪشمير مسئلن کي اجاگر ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون