تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان پاڪستان ۾ بجلي پيداواري نظام ۾ بهتري لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

- Advertisement -
ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ بجلي پهچائڻ جي نظام ۾ بهتري لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي رقم بجلي جي ورهاست جي نظام ۾ جدت لاءِ استعمال ٿيندي، ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي جٽادار بجلي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پڌرائي موجب، شروعاتي مرحلي ۾ ٽن بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي سهڪار فراهم ڪيو ويندو، ليسڪو، ميپڪو ۽ سيپڪو پنهنجي ريجن ۾ توانائي لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪن. اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي تحت 3 لک کان وڌيڪ ايڊوائنسڊ ميٽرنگ انفرا اسٽرڪچر لڳائيندا، ڊيٽا مينجمينٽ ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم لڳائڻ به منصوبي جو حصو آهي، منصوبي تحت ساڍا 15 هزار کان وڌيڪ آن لائن ٽرانسفارمرن تي مانيٽرنگ سسٽم لڳائيندا، سسٽم لاهور، ملتان ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپنين ۾ لڳايو ويندو. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پڌرائي موجب، سيپڪو جي 4 گرڊ اسٽيشن جا وولٽيج 66 ڪي وي مان 132 ڪي وي ڪيا ويندا، بجلي پهچائڻ جي نظام ۾ نقصان گهٽ ۽ گهرج پوري ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ليسڪو ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 گرڊ اسٽيشن کي جديد بڻايو ويندو. اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قدمن سان بجلي جي شعبي جا مالي نقصان گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندا، بجلي پهچائڻ جو نظام مضبوط ڪرڻ جو مقصد بجلي جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ آهي، بجلي پهچائڻ جي نظام کي اپگريڊ ۽ جديد بڻائڻ به منصوبي جو اهم مقصد آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون