تازه ترين

ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان پاڪستان ۾ بجلي پيداواري نظام ۾ بهتري لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ بجلي پهچائڻ جي نظام ۾ بهتري لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي رقم بجلي جي ورهاست جي نظام ۾ جدت لاءِ استعمال ٿيندي، ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي جٽادار بجلي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.

ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پڌرائي موجب، شروعاتي مرحلي ۾ ٽن بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي سهڪار فراهم ڪيو ويندو، ليسڪو، ميپڪو ۽ سيپڪو پنهنجي ريجن ۾ توانائي لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪن.

اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي تحت 3 لک کان وڌيڪ ايڊوائنسڊ ميٽرنگ انفرا اسٽرڪچر لڳائيندا، ڊيٽا مينجمينٽ ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم لڳائڻ به منصوبي جو حصو آهي، منصوبي تحت ساڍا 15 هزار کان وڌيڪ آن لائن ٽرانسفارمرن تي مانيٽرنگ سسٽم لڳائيندا، سسٽم لاهور، ملتان ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپنين ۾ لڳايو ويندو.

ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پڌرائي موجب، سيپڪو جي 4 گرڊ اسٽيشن جا وولٽيج 66 ڪي وي مان 132 ڪي وي ڪيا ويندا، بجلي پهچائڻ جي نظام ۾ نقصان گهٽ ۽ گهرج پوري ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ليسڪو ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 گرڊ اسٽيشن کي جديد بڻايو ويندو.

اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قدمن سان بجلي جي شعبي جا مالي نقصان گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندا، بجلي پهچائڻ جو نظام مضبوط ڪرڻ جو مقصد بجلي جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ آهي، بجلي پهچائڻ جي نظام کي اپگريڊ ۽ جديد بڻائڻ به منصوبي جو اهم مقصد آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون