اڏيرو لال ويجهو پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي فاضلاڻي موري ويجو هالا حويلي چوڪ تي وٽ منشيات وڪرو ڪندڙ ارشد ساند کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ٻيو جوابدار علي اصغر ڀٽي فرار ٿي ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان 290 گرام چرس هٿ ڪيو آهي.
پوليس موجب ٻنهي جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.