تازه ترين

نيب ۾ ناانصافي جي مثال عدالتي تاريخ ۾ ڪٿي به نه ٿي ملي : شاهد خاقان عباسي

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب ۾ ناانصافي جي مثال عدالتي تاريخ ۾ ڪٿي به نه ٿي ملي. ڪراچي ۾ نيب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب ملڪ مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته گذريل پنجن سالن کان  احتساب عدالت ۾ پيش ٿي رهيا آهيون، پر رڳو تاريخ مٿان تاريخ ملي رهي آهي، نيب عدالتن جي ڪارروائي ٽي وي تي ڏيکاري وڃي ته جيئن عوام کي خبر پوي تي ڇا ٿي رهيو آهي. خاقان عباسي چيو ته نيب عدالتن ۾ انصاف ٿيندي نظر نه پيو اچي، سندس اپيل اهي ته نيب کي ختم ڪيو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عدالتن مان ڪيترائي جج بدلي ۽ رٽائر ٿي ويا پر منهجي ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. هن چيو ته گذريل حڪومت نيب قانون ۾ ترميمون ڪيون هيو، جيڪي اڳوڻي چيف جسٽس رد ڪري ڇڏيون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مٿس پي ايس او ۾ غلط مقريون ڪرڻ جو الزام آهي، ٻڌايو وڃي ته اسان ڇا غلط ڪيو آهي. هن چيو ته نيب عدالت ۾ پيش ٿيندڙ آفيسرن جي حالت ڏسي ٻيا آفيسر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، نيب جو ڪم هاڻي رڳو سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ رهجي ويو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته هو اهڙي سياست جو حامي ناهي جنهن سان ملڪ ۽ عوام کي نقصان پهچي، ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون