- Advertisement -
بنگالي فاسٽ بالر شرف الاسلام چيو آهي ته بابراعظم جي وڪيٽ وٺڻ سندس خواب آهي.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرف الاسلام جو چوڻ هو ته پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ لائين تمام بهترين آهي، بابراعظم کي آئوٽ ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.
هن پي سي بي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هنن لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن، سندن ٽيم جي تياري سٺي آهي، پاڪستاني ٽيم سان سٺو مقابلو ٿيندو.- Advertisement -
