تازه ترين

باجوِڙ ۾ خوارجين کي قبائلي پاڻ ڪڍي نٿا سگهن ته علائقو خالي ڪيو وڃي: سڪيورٽي ذريعه

- Advertisement -
باجوڙ ۾ خوارجين جو ڪوڙ وائکو ٿي ويو، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته باجوڙ ۾ قبائلين ۽ خوارجين بابت ڳالهين ۾ ڄاڻي واڻي مونجهارا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سڪيورٽي ذريعن موجب، خوارج باجوڙ ۾ آبادي وچ ۾ رهي ڪري دهشتگرداڻي ۽ مجرماڻي ڪاررواين ۾ ملوث آهن، وڏي وزير، ڪي پي حڪومت ۽ سڪيورٽي اختيارين قبائلين سامهون 3 نقطا رکيا آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن خوارجين جن جو وڌيڪ انگ افغانين تي ٻڌل آهي، جن کي نيڪالي ڏني وڃي. سڪيورٽي ذريعن موجب، جيڪڏهن قبائلي دهشتگردن کي پاڻ ڪڍي نٿا سگهن ته هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ علائقو خالي ڪيو وڃي ته جيئن سڪيورٽي فورسز خوارجين کي انجام تائين پهچائي سگهي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهي ٻئي ڪم نٿا ڪري سگهن ته نقصان کان پاڻ بچايو وڃي ڇوته دهشتگردن خلاف ڪارروائي هر صورت ۾ جاري رهندي. سڪيورٽي ذريعن موجب، خوارجين ۽ سندن مددگارن سان حڪومتي سطح تي ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جيستائين اهي رياست اڳيان مڪمل طور ڪنڌ جهڪائن نٿا. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته جاري ٿيل قبائلي جرڳو هڪ منطقي قدم آهي ته جيئن ڪارروائي کان اڳ عوامي تحفظ يقيني بڻائي سگهجي . سڪيورٽي ذريعن موجب، اسلام ۽ رياست جي دشمن خوارج سان ڪمپرومائز ڪرڻ جي نه دين اجازت ڏئي ٿو نه رياست نه ئي ڪي پي جو بهادر عوام، ڪنهن به طرح جي هٿياربند ڪارروائي جو اختيار رڳو رياست وٽ آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
25 %
2kmh
30 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون