تازه ترين

پاڪستان غزا جي شهرين لاءِ امداد جي 18 هين کيپ رواني ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان غزا جي شهرين لاءِ امداد جي 18 هين کيپ رواني ڪري ڇڏي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف هر سطح تي فلسطينين لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، پاڪستان فلسطينين جي اصولي موقف جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان فلسطيني ڀائرن کي امداد ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي پاڪستان طرفان غزا لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪيو ويو. اسلام آباد انٽر نيشنل ايئرپورٽ تان هڪ سئو ٽن امدادي سامان تي ٻڌل 18هين کيپ خصوصي جهاز ذريعي رواني ڪئي وئي. سامان ۾ راشن جا ٿيلها، تيار کاڌو ۽ دوائون شامل آهن. سامان روانگي واري تقريب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فلسطيني سفير سميت حڪومتي نمائندا ۽ اين ڊي ايم اي جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هر سطح تي فلسطينين لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، پاڪستان فلسطينين جي اصولي موقف جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان فلسطيني ڀائرن کي امداد ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون