باقراڻي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ڀائٽين گوليون هڻي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ قلندر آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڀائٽين ننڊ ستل 60 ورهين جي چاچي راضي خان شر کي گوليون هڻي قتل ڪيو.
اطلاع تي يونيورسٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ هو ته مقتول جو ڀائٽين سان سڱاوتي ۽ زميني تڪرار هلندڙ هو، انهن کيس قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.