آرمي چيف جنرل عاصم منير سان بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفه فوجي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير گڏيل سڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، خطي ۾ امن امان سميت استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌندڙ سهڪار تي زور ڏنو.
ان موقعي تي بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ غير متزلزل ڪوششن جي تعريف ڪئي.