تازه ترين

بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي مختلف آپريشنن ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي مختلف آپريشنن ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون  9 ڊسمبر کان ڪيون ويون. ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيل ڪاررواين  خارجين ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن لاءِ وڏو جهٽڪو آهي. آءِ ايس پي آر موجب 12 ۽ 13 ڊسمبر جي جي رات سڪيورٽي فورز لڪي مروت ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو، ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب 9 ڊسمبر کان اڄ تائين  خيبرپختونخوا ۾ 18 دهشتگرد  ماريا ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب 13 ڊسمبر تي بلوچستان ۾ موسيٰ خيل ۽ پنجگور ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، جن ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، 9 ڊسمبر کان هيل تائين بلوچستان ۾ 25 دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
34 %
1.4kmh
22 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون