تازه ترين

بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي مختلف آپريشنن ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي مختلف آپريشنن ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون  9 ڊسمبر کان ڪيون ويون. ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيل ڪاررواين  خارجين ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن لاءِ وڏو جهٽڪو آهي. آءِ ايس پي آر موجب 12 ۽ 13 ڊسمبر جي جي رات سڪيورٽي فورز لڪي مروت ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو، ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب 9 ڊسمبر کان اڄ تائين  خيبرپختونخوا ۾ 18 دهشتگرد  ماريا ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب 13 ڊسمبر تي بلوچستان ۾ موسيٰ خيل ۽ پنجگور ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، جن ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، 9 ڊسمبر کان هيل تائين بلوچستان ۾ 25 دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون