نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽيءَ چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪالعدم تنظيمون ڊيٿ اسڪواڊ هلائي رهيو آهن.
سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته بي ايل اي، بي ايل ايف، يو بي ايَ، بي آر ايَ ۽ لشڪرِ بلوچستان تنظيمن 5 هزار کان وڌيڪ عام شهرين کي قتل ڪيو آهي.
سينيٽر رضا رباني طرفان اٿاريل سوال جي جواب ۾ سرفراز بگٽي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته انهن تنظيمن جي سرپرستي ڪير ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ڪالعدم دهشتگردن تنظيمن سڪيورٽي فورسز کانسواءِ استادن، ڊاڪٽرن، عام شهرين، پنجابين ، نائين ۽ ڌوٻين کي قتل ڪيو.
گهرو وزير چيو ته ان ڊيٿ اسڪواڊن خلاف سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪن ٿيون، ان سلسلي ۾ آئين واضح آهي ته ڪو نه خانگي لشڪر نه ٿو رکي سگهي.
سرفراز بگٽي چيو ته اهڙي قسم جا سياسي نعرا هنن بلوچستان ڏٺا آهن، خاص طور تي جڏهن اليڪشن ويجهي هجي ته وڌي ويندا آهن