تحريڪ انصاف اڳواڻ صمصام بخاري طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 مئي واقعن ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف، وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ، صمصام بخاري جي آڊيو جاري ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاريءَ تي ڪنهن احتجاج نه ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻايو، انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ جيل ۾ سهولتون نه ملڻ تي ڇو روئي رهيو آهي؟.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاريءَ تي سڄي ملڪ ۾ رڳو 7 ماڻهو نڪتا، پرامن احتجاج هر شخص جو جمهوري حق آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف مخالفن ۾ جيلن ۾ ڪابه سهولت نه ڏني، پي ٽي آءِ چيئرمين سياسي مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو.
وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف سربراهه ماڻهن کي سرڪاري ملڪيتن تي حملن لاءِ ڀڙڪايو، اوهان ته انقلابي هئا، جيل ۾ سهولتن لاءِ ڇو روئي رهيا آهيو؟.
هن چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين عوام ۾ نفرت جو ٻج پوکيو، اڳوڻي وزيراعظم ماڻهن ۾ ورهاست پيدا ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 مئي واقعن ۾ ملوث هئڻ جي آڊيو سامهون آئي آهي.
وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ پريس ڪانفرنس دوران تحريڪ انصاف اڳواڻ صمصام بخاري جي آڊيو جاري ڪري ڇڏي، صمصام بخاري 9 مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو.
وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته آڊيو موجب پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ فوجي ٿاڪن تي حملن جو چيو ويو، واضح ٿي ويو ته 9 مئي حملن جو ماسٽر مائنڊ تحريڪ انصاف چيئرمين آهي، اڳوڻو ڀارتي فوجي به اقرار ڪري رهيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاري سان ڀارت کي نقصان ٿيو آهي.