تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مراد علي شاهه ٺٽي ۾ لمس جي انٽرنيشنل ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٺٽي ۾ لمس جي انٽرنيشنل ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته صوبي ۾ جديد عالمي ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ڪاليج قائم ڪرڻ تعليم ۽ صحت جو نظام بهتر ڪرڻ جي سندن ڪوششن جي اهم ڪاميابي آهي، برطانيه جهڙن ترقي ڪندڙ ملڪن جي معيشيت جو دارومدار بهتر تعليمي ادارن تي آهي، هي ادار نه رڳو سنڌ پر خطي جي معاشي ترقي ۾اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

وڏو وزير مراد علي شاهه ٺٽي ۾ لياقت يونيورسٽي جي ڪاليج پهچي ويو.

ايم پي اي علي حسن زرداري، رياض شاهه شيرازي، خاص مددگار صادق ميمڻ، ڪمشنر حيدرآباد، وائيس ڪانسلر پروفيسر اڪرام ۽ ٻين وڏي وزير جو آڌرڀاءُ ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه انٽرنيشنل ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ جديد عالمي ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ڪاليج قائم ڪرڻ تعليم ۽ صحت جو نظام بهتر ڪرڻ جي سندن ڪوششن جي اهم ڪاميابي آهي.

سندس چوڻ هو ته عالمي ڪاليج جو تصور معيشيت تي ٻڌل عالمي اقتصادي ترقي موجب آهي، برطانيه جهڙن ترقي ڪندڙ ملڪن جي معيشيت جو دارومدار بهتر تعليمي ادارن تي آهي، هي ادار نه رڳو سنڌ پر خطي جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سندن مشن ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي سميت قابل ۽ هنر مند ماڻهن کي تيار ڪرڻ آهي، انسٽيٽيوٽ مان نڪرندڙ مقامي ۽ عالمي گريجوئيٽس جاب مارڪيٽ ۾ صوبي جو نالو روشن ڪندا، وي سي لمس ۽ منصوبي جي ٻين ماڻهن جي محنت ساراهه جوڳي آهي.

هن چيو ته انسٽيٽيوٽ طبي سائنس ۾ بهترين ماڻهو پيدا ڪندو، اميد آهي لمس ادارو دنيا ۾ سندن خطي جي ساک کي به بلند ڪندو، لمس جي هن ڪاليج ۾ پنجن سالن جو ڊگري پروگرام شروع ڪيو ويندو، پنجن سالن جي ڊگري پروگرام ۾  ايم بي بي ايس، ڊاڪٽر آف فزيو ٿراپي ۽ ڊاڪٽر آف فارميسي شامل آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٺٽي ۾ لمس جي ڪاليج ۾ چئن سالن ۾ بيچلرز ڊگري به ڪرائي ويندي، جنهن ۾ بي ايس ريڊيو لاجيڪل ٽيڪنالاجي، بي ايس ميڊيڪل ليبارٽي ٽيڪنالاجي، بي ايس فارنزڪ سائنس ان فارنزڪ بايولاجي ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته هڪ سال جو ڊپلومه پروگرام ۾ سي ٽي، ايم آر آءِ ٽيڪنالاجي، بلڊ بينڪنگ اينڊ ٽرانسفيوزن شامل آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي ڪاليج ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊي محمد خان جي ٻارن لاءِ تعليم جا نوان شعبا متعارف ڪرائيندو، لاڙ جي علائقن جا ٻار تعليم حاصل ڪري باوقار روزگار حاصل ڪري سگهندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون