- Advertisement -
تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبليءَ ۾ وڏو ڌچڪو، ٽي اهم عهدا پارٽي کان واپس ورتا ويا.
ذريعن موجب، قومي اسيمبليءَ ۾ عمر ايوب کي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي عهدي تان هٽايو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته زرتاج گل کان پارلياماني ليڊر ۽ احمد چٺا کان ڊپٽي پارلياماني ليڊر جو عهدو خالي ڪرايو ويو آهي.
تحريڪ انصاف کان مخالف ڌر جو چيمبر به واپس ورتو ويو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، اسيمبليءَ جي قائدن موجب ميمبرن جي نااهليت بابت ايوان کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ اپوزيشن ۽ اسپيڪر وچ ۾ صلاح مشورو ٻيهر شروع ٿيندو.
اسپيڪر نئين مخالف ڌر جي اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري رهندو، تحريڪ انصاف کي آزاد ميمبرن مان پارلياماني ۽ ڊپٽي پارلياماني ليڊر لاءِ ٻيهر نالا ڏيڻا پوندا.
قومي اسيمبلي ۾ عمر ايوب کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي فنانس ڪميٽي تان به ڊي لسٽ ڪيو ويو.
تحريڪ انصاف جي نااهل ستن ميمبرن کان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرشپ به واپس ورتي وئي.
پي ٽي آءِ جي ستن ميمبرن کان 15 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرشپ واپس ورتي وئي.
صاحبزاده حامد رضا جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ ختم ڪئي وئي…….- Advertisement -
