- Advertisement -
تنگواڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.
شهر ۾ گشت ڪندڙ پوليس اهلڪارن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار يونس جکراڻي، حنيف ملڪ، فاروق ملڪ سخت زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪارن کي کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين سکر منتقل ڪيو ويو.- Advertisement -
