پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ريڊ بال جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد عاقب جاويد کي قومي ٽيم جو عبوري ريڊ بال هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
ريڊ بال جي هيڊ ڪوچ طور عاقب جاويد جي پهرين اسائنمينٽ ڏکڻ آفريڪا خلاف جاري آل فارميٽ دوري دوران ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز هوندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 26 کان 30 ڊسمبر تائين سنچورين جي سپر اسپورٽ پارڪ ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي رهي آهي.
ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز بعد پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.