- Advertisement -
جيل کاتي واري صوبائي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل حيدرآباد کي رنگ روگن ڪري قيدين جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قيدين جي انساني حقن جو خيال رکيو وڃي.
جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري حيدرآباد سينٽرل جيل جو دورو ڪري بيرڪن جو معائنو ڪري قيدين سان ملاقات ڪئي.
صوبائي وزير علي حسن زرداري دوري دوران قيدين سان ڳالهه ٻولهه ڪري سندن مسئلا پڻ معلوم ڪيا.
صوبائي وزير، جيل سپريڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي جيل جا انتظام وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
صوبائي وزير علي حسن زرداري هدايت ڪئي ته سينٽرل جيل حيدرآباد کي رنگ روگن ڪري قيدين جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.
هن چيو ته قيدين جي انساني حقن جو خيال رکيو وڃي ۽ قيدين سان ملاقات لاءِ ايندڙن کي نه هيسايو وڃي.
صوبائي وزير علي حسن زرداري جيل سپريڊنٽ کي هدايت ڪئي ته قيدين جي کاڌ خوراڪ سميت صحت جو خاص خيال رکيو وڃي…..- Advertisement -
