- Advertisement -
تنگواڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪري 21 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا ۽ ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪيا ويا.
رينجرز ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾رينجرز ۽ پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن.
هن چيو ته تنگواڻي جي ڳوٺ سيفل لاڙو ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪري قتل، قتل جي ارادي، ڦر، ڀنگ عيوض اغوا ۾ ملوث 21 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
رينجرز ترجمان چيو ته آپريشن دوران بگي گينگ جي ٿاڪن کي به ڊاهيو ويو.
هن چيو ته گرفتار جوابدار پرائمري استاد الهه رکئي نندواڻي جي قتل ۽ سهولتڪاريءَ ۾ پڻ ملوث آهن، گرفتار جوابدارن ۾ امان الله، سندس ۽ مقامي وڏيرو يار محمد شامل آهن.
رينجرز ترجمان چيو ته گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
