- Advertisement -
حيدرآباد جي اسپتال ۾ ذهني مريض حملو ڪري وارڊ انچارج کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.
گدو اسپتال ۾ ذهني مريض ابراهيم پراٺو نه ڏيڻ تي وارڊ انچارج دلشاد آرائين تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري وڌو.
ذهني مريض جي حملي ۾ وارڊ انچارج جو هٿ ڀڄي پيو آهي.
زخمي وارڊ انچارج دلشاد آرائين ٻڌايو ته اسپتال ۾ اسٽاف گهٽ هئڻ سبب هڪ ماڻهو ٻه ٻه ڊيوٽيون پيو ڪري.
هن چيو ته اسپتال ۾ خطرناڪ مريض داخل آهن جيڪي هر روز اسٽاف تي حملا ڪندا رهندا آهن.- Advertisement -
