- Advertisement -
حيدرآباد ۾ پوليس اهلڪار طرفان پگهارون نه ملڻ تي نياڻين جي وڪري لاءِ هوڪا ڏيڻ جو صوبائي وزير علي حسن زرداري نوٽيس ورتو.
صوبائي وزير علي حسن زرداري نوٽيس وٺندي اهلڪار کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران اهلڪار کي رهيل پگهارون به ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي.
جيل انتظاميه پاران صوبائي وزير کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته اهلڪار ڪيترن ئي مهينن کان غير حاضر هو، کيس شوڪاز به جاري ٿيو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته وڏي وزير کي جلد ان معاملي جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
واضع رهي ته ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ اهلڪار پاران ٻار وڪرو ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي جيل کاتي واري صوبائي وزير کان رپورٽ طلب ڪئي هئي…….- Advertisement -
