صدر مملڪت ۽ وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ آپريشنز دوران 19 خارجين کي مارڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

- Advertisement -
صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا ۾ آپريشنز دوران 19 خارجين کي مارڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪارروائي دوران شهيد ٽن بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي، سموري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون. ٻئي پاسي وزيراعظم محمد شهباز شريف خارجين خلاف ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪ جي بقاءَ جي خاطر سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جون لازوال قربانيون آهن. وزيراعظم شهيد جوانن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
28%
3.2m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
32 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون