حڪومت نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشورا تيز ڪري ڇڏيا.
نگران وزيراعظم ۽ نگران سيٽ اپ بابت وزيراعظم شهباز شريف، پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
وڊيو لنڪ اجلاس ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين پارٽين جا سربراهه شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي صلاح مشورا ڪيا ويندا.
اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف نگران سيٽ اپ بابت پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺندو.