تازه ترين

حڪومت کان ماضي ۾ جيئن هو ڌار ٿيا، اهو ياد آهي: قمر زمان ڪائرا

- Advertisement -
- Advertisement -

پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته حڪومت کان ماضي ۾ جيئن هو ڌار ٿيا، اهو ياد آهي، حڪومت جي حمايت ڪرڻ جو اهو مطلب ناهي ته ن ليگ کي جيڪو وڻي اهو ڪري ۽ هو خاموش رهن، زبان بند ڪرڻ ۽ هٿ ڀڃڻ وارو درست ناهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو ته وزارتن ۾ حصو وٺڻ کانسواءِ حڪومت جي حمايت ڪئي ۽ ن ليگ جو نيڪ نيتي سان ساٿ ڏنو.

هن چيو ته حڪومت جي حمايت جو اهو مطلب ناهي ته ن ليگ کي جيڪو  وڻي اهو ڪري ۽ هو خاموش رهن، پ پ نه اڳ صورتحال خراب ڪرڻ چاهي پئي نه هاڻي ائين چاهي ٿي.

هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کان بيانن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ان سان سياست ۽ جمهوريت کي فائدو ناهي ٿيندو، معاملا ايترا پري نه کڻي وڃو ۽ ماضي جهڙو لهجو اختيار نه ڪيو.

قمر زمان ڪائرا چيو ته ملڪ ڊگهي عرصي کان بحرانن جو شڪار آهي، هر حڪومت بحران کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت ٺهڻ وقت هنن نيڪ نيتي سان  حڪومت جو ساٿ ڏنو، لکت ۾ معاهدو ڪيو پر بدقسمتي سان حڪومت سان معاهدي جي سمورين شِقن تي عمل نه ٿيو.

قمر زمان ڪائرا چيو ته هو ماضيءَ جي زخمن کي وسارڻ چاهن ٿا، ن ليگ جي دوستن کي درخواست آهي ته اهي خراب لهجو ۽ لفظ استعمال نه ڪن.

پ پ اڳواڻ چيو ته خوفناڪ ٻوڏ آئي، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو، پنجاب توڙي سنڌ سرڪار سٺو ڪم ڪيو، جنهن تي هنن تعريف ڪئي، جتي خرابي هوندي ان تي به هو راءِ ڏيندا، سندن راءِ تي وزيراعليٰ چوي ٿي ته هوءَ آڱر ڀڃي ڇڏيندي؟  زبان بند ۽ هٿ ڀڃي ڇڏڻ وارو لهجو مناسب ناهي، اوهان رڳو پنجاب جي وزيراعليٰ نه پر نوازشريف جي نياڻي به آهيو.

قمر زمان ڪائرا چيو ته هو به پنجاب وارا آهن ڪا راءِ ڏين ٿا ته حڪومت وارا چــِڙي وڃن ٿا،  اتحادي هجڻ جو مطلب ڪو بلينڪ چيڪ ڏيڻ نه هو.

پ پ اڳواڻ چيو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي بابت ڏيڻ پنجاب تي حملو ڪيئن آهي؟

قمر زمان ڪائرا چيو ته چيو ويو ته هوءَ خيرات نه وٺندي، اوهان کي ڪنهن چيو ته خيرات وٺو؟ گڏيل قومن کي اپيل ڪرڻ ڇا خيرات وٺڻ آهي؟ طعنو ڏنو پيو وڃي ته سنڌ حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو؟

پ پ اڳواڻ چيو ته هنن گرين بسن جو منصوبو شروع ڪيو، اليڪٽرڪ بسون پهريان سنڌ ۾ ڏنيون ويون.

قمر زمان ڪائرا چيو ته ٻوڏ ۾ پ پ هر هنڌ پنجاب حڪومت سان بيٺل رهي، بلاول ڀٽو زرداري، گورنر پنجاب ۽ ٻين ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪري سندن امداد ڪئي………………….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
54 %
6.3kmh
0 %
ڇنڇر
19 °
آچر
27 °
سُومر
17 °
اڱارو
20 °
اربع
21 °

تازه ترين خبرون