تازه ترين

وڏي وزير مراد علي شاهه آبادگارن ۾  نومبر  جي ٻئي هفتي ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ورهائڻ جي هدايت

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه آبادگارن ۾  نومبر  جي ٻئي هفتي ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ورهائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آبادگارن لاءِ ڪڻڪ جي امدادي اگهه بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر،  چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه،  وڏي وزير جي سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امدادي اگهه ۽ خريداري نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي آهي. هن چيو ته فوڊ سڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ 55 ڏهائي 8 بلين رپين جو پئڪيج ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته 25 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن کي ڊي اي پي  جي هڪ ۽ يوريا جون ٻه ٻوريون ڏنيون وينديون. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 41 لک 14 هزار 408 آبادگارن وٽ 22 لک 62 هزار 746 ايڪڙ زمين آهي. هن چيو ته پ پ حڪومت 22 لک 62 هزار 746 ڊي اي پي ۽ 45 لک 25 هزار  492  يوريا جون ٻوريون ورهائيندي. سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ جي سروي ۽ ڪڻڪ جي فصل جي تصديق جي سروي کانپوءِ  ڀاڻ ڏنو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته نومبر جي ٻئي هفتي کان ڊي اي پي ۽ يوريا جي ورڇ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪڻڪ جو بمپر فصل يقيني بڻايو وڃي،  آبادگارن کي سٺو امدادي اگهه ڏنو ويندو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
40 %
2.5kmh
58 %
آچر
28 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون