- Advertisement -
خيرپور پوليس ٻن ڌار ڌار مقابلن دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪنب ٿاڻي جي حد نوابشاهه روڊ وٽ مقابلي دوران هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ اختر عرف صوف ولد معروف گوپانگ طور ٿي.
پوليس موجب ٻيو مقابلي راڻيپور ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو جنهن دوران ڪاشف پٽ علي گوهر جمالي نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، ٻئي زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري ڦرون، چوري، پوليس مقابلن ۽ ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ گهربل هئا.پوليس موجب، گرفتار ڏوھارين جي قبضي مان ٻه پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن جڏهن ته سندن وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
