تازه ترين

دنيا ۾ پوليو جو خاتمو ٿي ويو آهي، پر پاڪستان ۾ جدوجهد جاري آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا ۾ پوليو جو خاتمو ٿي ويو آهي، پر پاڪستان ۾ جدوجهد جاري آهي، پاڪستان پوليو کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ صوبائي پوليو خلاف ٽاس فورس جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سال 2024ع ۾ پاڪستان ۾ 74 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 2025ع ۾ هن وقت تائين 30 ڪيس اڳيان آيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته گذريل سال سنڌ ۾ 23 ۽ هن سال 9 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته بدين ۾ 3، ٺٽي ۾ 2، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ عمرڪوٽ ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته گذريل سال ڪراچي اوڀر جي گجرو يونين ڪائونسل مان هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو هو، اوڀر ضلعي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته سندن ڪوششون نتيجو ڏيندڙ آهن پر محنت جاري رکڻي پوندي، پنهنجي ٻارن کي ان اپاهج ڪندڙ موذي مرض کان هر صورت ۾ بچائڻو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پوليو وائرس جي موجودگي جي نشاندهي وارن علائقن جي سخت نگراني جاري رکي وڃي، ٻارن تائين هر صورت ۾ پهچي کين پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
58 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون