روس جي راڄڌاني ماسڪو جي ڪنسرٽ هال ۾ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 133 ٿي ويو

- Advertisement -
روس جي راڄڌاني ماسڪو جي ڪنسرٽ هال ۾ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 133 ٿي ويو جڏهن ته 140 جي لڳ ڀڳ زخمين جو علاج هلندڙ آهي جن مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، روسي صدر طرفان اڄ سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. روسي سڪيورتي اهلڪارن 11 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم داعش قبولي هئي. روسي صدر ولاديمير پيوٽن اڄ سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته دشمن کي تقسيم نٿا ڪري سگھن، سمورا حملي آور پڪڙيا ويا آهن، ذميوارن کي سزا ڏني ويندي. روس صدر جو چوڻ آهي ته حملي آورن يوڪرين طرف فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ٻئي پاسي پاڪستان طرفان ماسڪو جي ڪنسرٽ هال ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف متاثر ڪٽبن سان تعزيتن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ روس سان گڏ بيٺل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
41%
3.2m/s
0%
خميس
19 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون