- Advertisement -
جمال شاهه ويجهو زميني تڪرار تان ڏاهري برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان انڪوائري ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي.
پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش ڏاهري ۾ زميني تڪرار تان غلام رسول ڏاهري ۽ حاجي قادر بخش ڏاهري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ عبدالغني ڏاهري، روشن ڏاهري، مختيار، مراد ڏاهري، محمد ابراهيم ڏاهري ۽ مبين ڏاهري سميت ٻنهي ڌرين جا ست ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته سعيد خان، غلام رسول، غلام قادر، نبي بخش ۽ غلام شبير ڏاهري سميت 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
مارجي ويلن مان عبدالغني ڏاهري جو لاش ۽ زخمين کي نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته مارجي ويل ڇهن ڄڻن جا لاش رورل هيلٿ سينٽر شاهپور جهانيان منتقل ڪيا ويا.
ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا.
ايس ايس پي شهيد بينظير آباد جو چوڻ آهي ته ست انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس ٿيو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو.
پوليس موجب، ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جو هڪ ڄڻو ۽ ٻي ڌر جا 6 ڄڻا مارجي ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل هڪ ڄڻي جو لاش ۽ 6 زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته هڪ ڌر جي مارجي ويل ڇهن ڄڻن جا لاش رورل هيلٿ سينٽر شاهپور جهانيان منتقل ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب، ڪڻڪ جي ديري تي ٿريشر هلائڻ دوران ڌرين ۾ جهيڙو ٿي ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته کين تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اهڙو واقعو ٿيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏيندي چيو ته واقعي جي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
وڏي وزير، آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته علائقي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته جمال شاهه ويجهو ڳوٺ واحد بخش ڏاهري ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ضلعي جي پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ايس ايس پي شهيد بينظير آباد سان رابطو ڪندي چيو ته واقعي جي گڏيل انڪوائري تي ٻڌل تفصيل جلد کان جلد اماڻيا وڃن.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
ايس ايس پي شهيد بينظير آباد چيو ته مارجي ويل ماڻهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، متاثر علائقن ۾ پوليس جي وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وئي آهي…………- Advertisement -
