اسلام آباد جي خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
خاص عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي.
سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف چيئرمين جو اٽڪ جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جو قانون واري وزارت باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي ليگل ٽيم جي 9 وڪيلن کي اٽڪ جيل وڃڻ جي اجازت ڏني وئي جڏهن ته سائفر ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي ٽيم به اٽڪ جيل ۾ موجود هئي.
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس 27 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.