تازه ترين

سرن جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان جي وڇوڙي کي 27 ورهيه وهامي ويا

- Advertisement -
سرن جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان جي وڇوڙي کي 27 ورهيه وهامي ويا. شهنشاهه قوالي 13 آڪٽوبر 1948ع تي فيصل آباد جي هڪ قوال گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، هن 16 ورهين جي ڄمار ۾ قوالي جو فن سکيو. استاد نصرت فتح علي خان قوالي سان گڏ غزل، ڪلاسيڪل ۽ صوفي گيت ڳايا. استاد نصرت فتح علي خان جو ڳايل هر گيت پاڪستان ۽ هندستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو ۽ امر ٿي ويو. سُرن جي شهنشاهه صوفياڻي ڪلام کي اهڙي مهارت سان ڳائيندو هو جو ٻڌندڙن تي وجد طاري ٿي ويندو هو. استاد نصرت فتح علي خان اولهه سازن کي استعمال ڪري قوالي کي هڪ جدت سان گڏوگڏ هڪ نئون رخ ڏنو، سندس قوالي ”دم مست قلندر علي علي“ کي عالمي شهرت حاصل ٿي. استاد نصرت فتح علي خان جون ”وهي خدا هي“، ”سانسون ڪي مالا“، ”دم مست قلندر“، ”اکيان اڊيڪ ديان“، ”گورک دهنده“ ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي قواليون ۽ غزلون جنهن به ٻڌيون سندس مداح بڻجي ويو. قواليءَ جا 125 البم رڪارڊ ڪرڻ تي استاد نصرت فتح علي خان جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل آهي. سريلي آواز ۽ شخصيت جو مالڪ استاد نصرت فتح علي خان گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ 16 آگسٽ 1997ع تي 49 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي پيارن کي روئيندو ڇڏي مڻ مٽيءَ هيٺان وڃي سمهي پيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
21 %
2.8kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون