- Advertisement -
ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ناليواري شاعر سرويچ سجاولي کي سندس 17 هين ورسيءَ تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ون يونٽ جي دور ۾ سرويچ سجاولي جي شاعري ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو، آمريت خلاف پاڻ متحرڪ جدوجهد جو حصو رهيو. سرويچ سجاولي جهڙا ڪردار سماج کي صحيح رستو ڏيکارين ٿا، نوجوان اهڙن ڪردارن کي پڙهن ۽ ڄاڻ حاصل ڪن.
ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه طرفان ناليواري شاعر سرويچ سجاولي کي سندس 17 هين ورسيءَ تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته سرويچ سجاول هڪ سوچ، فڪر، ۽ آزاد اظهار جو ڪردار هو.
هن چيو ته سرويچ سجاولي سنڌ جي ڏکن، دردن ۽ مسئلن کي لفظن ۾ بيان ڪيو.
ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته سرويچ سجاولي کي هر موضوع تي مهارت حاصل هئي، پنهنجي مٽيءَ سان محبت سندس لفظن ۾ نظر اچي ٿي.
هن چيو ته سرويچ سجاولي پاڻ کي سياسي محاذ تي به ثابت قدم رکيو.
سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ون يونٽ جي دور ۾ سرويچ سجاولي جي شاعري ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو، آمريت خلاف پاڻ متحرڪ جدوجهد جو حصو هو.
هن چيو ته سرويچ سجاولي جي شاعري اڄ به سنڌ ۽ هند ۾ مشهور آهي.
هن چيو ته سرويچ سجاولي جهڙا ڪردار سماج کي صحيح رستو ڏيکارين ٿا، نوجوان اهڙن ڪردارن کي پڙهن ۽ ڄاڻ حاصل ڪن.
هن چيو ته هو سندس ورسي تي ڀيٽا پيش ڪري ٿو، مرحوم سرويچ سجاولي جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعاگو آهي.- Advertisement -
